پاڪستان ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن گڏيل قومن جي چارٽر موجب تڪرار جي پرامن حل کي ناگزير قرار ڏنو آهي ۽ ان عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي ته ٻئي ملڪ تڪرار کي مستقل طور تي ختم ڪرڻ ۽ پائيدار امن جي فروغ لاءِ ڌرين جي وچ ۾ ڳالهين ذريعي حل لاءِ ڀرپور سهڪار جاري رکندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار چين جي پرڏيهي وزير وانگ ي سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) جي 105هين يوم تاسيس جي موقعي تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڳالهين ۾ ايران-آمريڪا امن عمل خاص طور تي پاڪستان ۽ قطر جي ثالثي ۾ سوئٽزرلينڊ جي شهر برگن اسٽاڪ ۾ ٿيندڙ اعليٰ سطحي ڳالهين جي پهرين دور تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار وانگ يي کي آگاهه ڪيو ته ڳالهين جي نتيجي ۾ اسلام آباد ايم او يو تحت ثالثي جي عمل جي نگراني لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ايٽمي معاملي، پابندين ۽ نگراني ۽ تڪرار جي حل بابت ٽي ورڪنگ گروپ به ٺاهيا ويا آهن، جنهن جو مقصد 60 ڏينهن اندر ڌرين وچ ۾ حتمي معاهدي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. امن عمل لاءِ چين جي مسلسل ۽ مضبوط حمايت کي ساراهيندي نائب وزيراعظم صدر شي جن پنگ جي 4 نقاطي امن منصوبي ۽ پاڪستان-چين 5 نقاطي امن منصوبي جي اهميت تي زور ڏنو. چيني پرڏيهي وزير وانگ يي اسحاق ڊار ۽ پاڪستاني قيادت کي ڪامياب ثالثي ۽ اسلام آباد مفاهمتي ياداشت تي صحيحن تي مبارڪباد ڏني ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي مسلسل سفارتي ڪوششن، فعال ثالثي ۽ مسلسل رابطي کي ساراهيو. پاڪستان جي ثالثي جي ڪوششن لاءِ چين جي غير متزلزل حمايت کي ورجائيندي هن چيو ته تڪرارن جو پرامن حل گڏيل قومن جي چارٽر موجب ناگزير آهي.
Source link

پاڪستان ۽ چين ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ آمريڪا-ايران ڳالهين ۾ تعاون جاري رکڻ جو عزم ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

