تهران: ايران ۽ عمان پاران آبنائے هرمز تي قائم ڪيل گڏيل ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي ۽ اهم عالمي آبي گذرگاهه جي مستقبل جي انتظام ۽ گڏيل تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايران جي نائب پرڏيهي وزير ڪاظم غريب آبادي ملاقات کانپوءِ چيو ته اها گڏيل ڪميٽي ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل معاهدي تحت قائم ڪئي وئي آهي، جنهن جو مقصد آبنائے هرمز جي انتظام، بحري ٽرانسپورٽ ۽ لاڳاپيل معاملن تي مشاورت کي فروغ ڏيڻ آهي.
هن چيو ته ملاقات ۾ آبنائے هرمز بابت مختلف انتظامي ۽ ٽيڪنيڪل معاملن، مستقبل ۾ تعاون جي طريقن ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ موثر بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ڪاظم غريب آبادي موجب ايران ۽ عمان هن اهم آبي گذرگاهه ۾ استحڪام، محفوظ بحري ٽريفڪ ۽ گڏيل مفادن جي تحفظ لاءِ صلاح مشورا ڪندا رهندا.
ياد رهي ته آبنائي هرمز دنيا جي اهم سامونڊي لنگهن مان هڪ آهي، جتان تيل ۽ گئس جو وڏو مقدار مختلف ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويندو آهي. انهي سبب لاء، هن آبي رستي جي حفاظت ۽ انتظام عالمي واپار ۽ توانائي مارڪيٽن لاء غير معمولي اهميت آهي.


