عظيم آمريڪي ٽينس پليئر سرينا وليمز چئن سالن کانپوءِ ومبلڊن جي سنگلز مقابلن ۾ شاندار واپسي ڪئي پر سندس واپسي فتح ۾ تبديل نه ٿي سگهي.
44 ورهين جي سرينا کي آسٽريليا جي 20 ورهين جي مايا جوائنٽ سخت مقابلي بعد 3-6، 7-6 ۽ 3-6 تان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ڪيو.
وائلڊ ڪارڊ ذريعي داخل ٿيندڙ سرينا وليمز ميچ کانپوءِ چيو ته ومبلڊن ۾ ٻيهر کيڏڻ سندس لاءِ يادگار لمحو هو.
مداحن پاران شاندار استقبال تي خوشي جو اظهار ڪندي هن چيو ته هن ماحول کي تمام گهڻو ياد ڪيو.
ٻئي طرف نوجوان مايا جوائنٽ ان کي پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان وڏي ڪاميابي قرار ڏيندي چيو آهي ته سينٽر ڪورٽ تي سرينا جهڙي ليجنڊ خلاف کيڏڻ سندس ننڍپڻ جو خواب هو.
سرينا هاڻي ڊبلز ايونٽ ۾ پنهنجي ڀيڻ وينس وليمز سان مقابلو ڪندي.
وومينز سنگلز ۾ دفاعي چيمپيئن ايگا سواتيڪ سخت مقابلي ۾ ٽيلر ٽائون سينڊ کي شڪست ڏئي ٻئين رائونڊ ۾ پهچي وئي.
گذريل سال جي رنر اپ امنڊا انيسيمووا، جيسمين پوليني، ڪيرولينا پلسڪووا ۽ اڳوڻو چيمپيئن ايلينا ريباڪينا به ڪاميابي سان ايندڙ رائونڊ ۾ پهتيون، جڏهن ته يوڪرين جي ايلينا سويٽولينا کي اپ سیٹ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
مردن جي ايونٽس ۾ فرنچ اوپن چيمپيئن اليگزينڊر زويروف شاندار شروعات ڪئي، جڏهن ته بين شيلٽن ان کان اڳ سخت اپ سیٹ جو شڪار ٿيو.
ٽيلر فرٽز، گريگور ديمتروف ۽ ايڪس ڊي منور پڻ ٻئين دور ۾ ترقي ڪئي.
ٻئي طرف 41 ورهين جي اسٽين واورنڪا ومبلڊن ۾ پنهنجي آخري ميچ کانپوءِ مداحن کي الوداع چئي ڇڏيو، جنهن تي سينٽر ڪورٽ ۾ موجود مداحن کيس زبردست خراج تحسين پيش ڪيو.


