عدالت اڳوڻي منگيتر کي اغوا ۽ سندس ساٿين سان اجتماعي زيادتي ڪرڻ واري جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

عدالت اڳوڻي منگيتر کي اغوا ۽ ساٿين سان زيادتي ڪرڻ واري جوابدار جي ضمانت منظور ڪري ورتي.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ نامزد جوابدار عدنان جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت عدنان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪندي کيس هڪ لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار خلاف سرجاني ٿاڻي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سندس ڀيڻ کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻايو ويو.

شڪايت ڪندڙ جو چوڻ هو ته سندس ڀيڻ جو پهريان به جوابدار سان لاڳاپو هو، پر بعد ۾ ڪنهن سبب جي ڪري اهو تعلق ختم ٿي ويو.

درخواست ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن هوءَ ۽ سندس مڙس ڪم تي ويا هئا ته سندس ڀيڻ جي اڳوڻي منگيتر سندس ساٿين سان گڏجي کيس اغوا ڪيو ۽ بعد ۾ اجتماعي زيادتي ڪئي.

ٻڌڻي دوران عدالت رمارڪس ڏنا ته جاچ رڪارڊ شڪايت ڪندڙ جي موقف جي حمايت نٿو ڪري، جنهن بعد جوابدار عدنان جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment