عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ اڄ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 122 ڊالر وڌي 4185 ڊالر ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي اگهه ۾ واڌ سبب مقامي ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ به سون جو في تولو اگهه 12200 رپيا اضافي سان 4 لک 40 هزار 936 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي. اهڙي طرح سون جو اگهه 10,459 رپيا وڌي 3,78,031 رپيا في ڏهه گرام ٿي ويو. سون سان گڏ چاندي جو في تولو اگهه 319 رپيا وڌي 6764 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 274 رپيا وڌي 5799 رپيا ٿي ويو.
Source link

سون جي قيمت ۾ اڄ وڏو اضافو
Leave a Comment Leave a Comment

