ايران ۾ هڪ بل بورڊ لڳايو ويو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ علامتي تصوير هڪ تابوت ۾ رکيل آهي.
هي بل بورڊ تازو ايران آمريڪا ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ لڳايو ويو هو جڏهن ته ان جون تصويرون ۽ وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن.
رپورٽن مطابق بل بورڊ ۾ ٽرمپ جي تصوير کي علامتي ۽ سياسي پيغام طور پيش ڪيو ويو آهي. اهڙيون تصويرون ۽ اشتهار ماضي ۾ ايران ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سياسي موقف جي اظهار لاءِ استعمال ڪيا ويا آهن.
ايران راڄڌاني تهران ۾ هڪ بل بورڊ لڳايو آهي جنهن ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي تابوت ۾ پيل ڏيکاريو ويو آهي.
ڀرسان هڪ مجسمو مرحوم سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي مٿ کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪو ايران تي آمريڪا-اسرائيلي جنگ جي شروعات تي قتل ڪيو ويو. pic.twitter.com/ILvE0RAXrF
– الجزيره بريڪنگ نيوز (@AJENnews) 15 جولاءِ 2026
هي بل بورڊ هڪ اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن ٻئي ملڪ حملن جو تبادلو ڪري رهيا آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي ۽ ايراني عهديدارن هڪ ٻئي خلاف سخت بيان ڏئي رهيا آهن جڏهن ته مختلف سطحن تي سفارتي رابطا پڻ جاري آهن.
تجزيه نگارن موجب هن نوعيت جا سياسي بل بورڊ گهڻو ڪري علامتي ۽ پروپيگنڊا جي مقصدن لاءِ استعمال ٿيندا آهن. انهن جو مقصد عوامي راءِ تي اثر انداز ٿيڻ ۽ سياسي پيغام پهچائڻ آهي، نه ڪي عملي يا سرڪاري عمل جو اعلان ڪرڻ.


