آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2027 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ اضافي ميچ کيڏڻ جو امڪان آهي.
تفصيل موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) 2027 ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ نئين فارميٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ اضافي ميچ جا امڪان وڌي ويا آهن.
نئين فارميٽ موجب ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نمبيا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ۾ 14 ٽيمون حصو وٺنديون، پر شروعاتي مرحلي ۾ 3 هيٺين رينڪنگ جون ٽيمون پري ڪواليفائنگ رائونڊ کيڏنديون، جنهن مان رڳو هڪ ٽيم مين اسٽيج ۾ جاءِ ٺاهي سگهندي.
پوءِ 12 ٽيمن کي ٻن گروپن ۾ ورهايو ويندو، هر گروپ ۾ ڇهه ٽيمون شامل هونديون.
آءِ سي سي گذريل ’سپر سِڪس‘ اسٽيج جي جاءِ تي هاڻي ’سپر سيون‘ متعارف ڪرايو آهي، جڏهن ته هن ڀيري ڪو به ڪوارٽر فائنل اسٽيج نه هوندو.
عالمي اداري موجب نئين فارميٽ جو مقصد مقابلن کي وڌيڪ دلچسپ، مقابلي ۽ هر ميچ کي اهم بڻائڻ آهي.
ان دوران، 2028 ٽي 20 ورلڊ ڪپ لاء پڻ هڪ تبديلي جي منظوري ڏني وئي آهي.
20 ٽيمن تي ٻڌل ايونٽ ۾ گروپ اسٽيج کانپوءِ 10 ٽيمون ايندڙ اسٽيج تي پهچنديون جڏهن ته بهترين ٻه ٽيمون سڌو سيمي فائنل کيڏنديون ۽ باقي ٻن سيمي فائنلز جو فيصلو نئين ايليمينيٽر اسٽيج ذريعي ڪيو ويندو.


