ڪراچي:
ڊاڪٽر آڪاش قتل ڪيس جي جوابدارن شروعاتي جاچ ۾ اهم انڪشاف ڪيا آهن.
ڪلفٽن ٽنڊي الهيار ڀرسان ڦر جي واقعي دوران ڊاڪٽر اڪاش کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي. گرفتار ٽنهي جوابدارن کان شروعاتي جاچ دوران اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. گرفتار جوابدار بئنڪن جي ٻاهران پئسا هڙپ ڪرڻ ۽ واپاري کي ڦرڻ جي وارداتن ۾ ملوث آهن.
پوليس موجب 13 جولاءِ تي ڪلفٽن ٽنڊي الهيار ڀرسان ڦر جي واقعي دوران ڊاڪٽر اڪاش کي گوليون هڻي قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ جاري آهي. شروعاتي جاچ دوران واقعي ۾ ملوث ٽن گرفتار جوابدارن اسلم عرف بابا، رام چند ۽ انيل کان اهم انڪشاف سامهون آيا آهن.
جاچ اختيارين موجب ڊڪٽيگر گروهه جو سربراهه اسلم عرف بابا ۽ ٻيا جوابدار قائد آباد جا رهواسي آهن. واقعي ۾ اسلم بابا ۽ ٻين سان گڏ هڪ ڇوڪري به شامل هئي. گرفتار جوابدار ۽ سندس ساٿين واقعي کانپوءِ رقم پاڻ ۾ ورهائي ڇڏي هئي.
گرفتار جوابدار رام چند موجب 2021ع ۾ لانڍي جيل ۾ اسلم بابا سان سندس ملاقات ٿي ۽ جوابدار جيل ۾ دوست ٿي گينگ ٺاهي. گرفتار جوابدار رام چند انڪشاف ڪيو آهي ته گذريل ٻن هفتن ۾ بئنڪن ٻاهران 3 چوريون ڪيون ويون آهن.
جاچ اختيارين موجب گرفتار جوابدار انيل ملير پوليس کي گهربل هو. گرفتار جوابدار ڪجهه مهينا اڳ شاهه لطيف ٽائون ۾ واپاري هو. گرفتار جوابدار هڪ ڪروڙ رپيا ڦر ڪرڻ بعد ساٿين سميت فرار ٿي ويا.
گرفتار جوابدار انيل جي 2 ساٿين کي شاهه لطيف ٽائون پوليس گرفتار ڪري ورتو، گرفتار جوابدارن وٽان 50 لک رپيا روڪ رقم هٿ ڪئي وئي. انيل ۽ رام چند سميت 7 رڪني گينگ رقم ڀاڙڻ ۾ ملوث آهي.
عدالت ۾ جاچ رپورٽ جمع ڪرائي وئي، پوليس اعتراف ڪيو ته چوري ٿيل 20 لک هٿ نه اچي سگهيا.
ايڪسپريس نيوز موجب جڊيشل مئجسٽريٽ ڏکڻ جي عدالت ۾ ڊاڪٽر آڪاش جي ڦرلٽ تي مزاحمت تي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جتي پوليس ابتدائي جاچ رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي.
پوليس ڇوڪري سميت 3 جوابدارن کي مفرور قرار ڏئي ڇڏيو. پوليس اهو به اعتراف ڪيو ته ڊاڪٽر آڪاش کان ورتل 20 لک رپيا واپس نه ڪيا ويا.
رپورٽ موجب گرفتار 3 جوابدارن پوليس آڏو مني لانڊرنگ ۽ ڊاڪٽر آڪاش کي قتل ڪرڻ جو اعتراف ڪيو آهي. سريش، رام چند ۽ انيل کي آرمس ايڪٽ ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جڏهن جوابدارن کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ته هنن ڊاڪٽر آڪاش جي قتل جو اعتراف ڪيو، جوابدارن جو چوڻ هو ته هنن غير گرفتار جوابدارن سان گڏجي اهو ڏوهه ڪيو آهي. جوابدارن اعتراف ڪيو ته ٽن تلوار ڀرسان بئنڪ مان رقم نڪرندڙ شخص کان هنن رقم ورتي.
جوابدارن چيو ته جڏهن پئسا کڻي ويا ته اتي موجود گارڊ مٿن فائرنگ ڪئي. گارڊ جي فائرنگ تي جوابدار پڻ فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا. جوابدار چيو ته بعد ۾ معلوم ٿيو ته اسان جي فائرنگ سان هڪ شخص مارجي ويو آهي. جوابدارن جي اعترافي بيان تي کين ڊاڪٽر آڪاش جي قتل ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته جوابدارن جي نشاندهي تي اڻڄاتل جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. فرار ٿيل جوابدارن ۾ اسلم پنهور، هڪ ڇوڪري ۽ هڪ ٿلهو ماڻهو شامل آهن. جوابدارن وٽان چوري ٿيل 20 لک روپين جي رقم پڻ هٿ ڪرڻي آهي. جوابدارن جي سڃاڻپ پڻ ڪرائي وڃي. جوابدار ڏاڍا خطرناڪ ۽ عادتي ڏوهاري آهن. جوابدارن کان ٻين ڪيسن ۾ به پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي.



