بلوچستان حڪومت ۽ ڪوئيٽا ڌرڻي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون ۽ معاهدو ٿي ويو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جون مصالحتي ڪوششون ڪامياب، صوبائي حڪومت ۽ ڪوئيٽا ڌرڻي ڪميٽي وچ ۾ ڪامياب ڳالهين کانپوءِ لکت ۾ معاهدو ٿي ويو.

تفصيل موجب ڪوئيٽا ۾ ڌرڻي تي ويٺل مظاهرين جا حڪومت سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، جڏهن ته ٻنهي ڌرين طرفان لکت ۾ معاهدو ٿي ويو، جنهن تي صحيحون به ڪيون ويون.

حڪومت زيارت جي شهيدن جي خاندانن جا مطالبا مڃڻ ۽ صوبي ۾ امن امان لاءِ گڏيل قدم کڻڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جڏهن ته زيارت واقعي جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙڻ تي به اتفاق ڪيو ويو آهي.

معاهدي موجب بلوچستان جي وڏي وزير جي صدارت هيٺ امن امان جي صورتحال تي مخالف ڌر جي پارٽين ۽ شهيدن جي وارثن جو گڏيل اجلاس ٿيندو، جڏهن ته بلوچستان جي شهري علائقن ۾ پوليس فورس جي صلاحيت، افرادي قوت ۽ پروفيشنلزم کي وڌيڪ وڌايو ويندو.

معاهدي موجب زيارت واقعي ۾ مارجي ويلن کي پاليسي تحت شهيد قرار ڏنو ويندو، جڏهن ته حڪومتي پاليسي موجب گهرڀاتين جي مدد، ٻارن جي تعليم ۽ معاوضو ڏنو ويندو.

معاهدي تحت اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته شهيدن جي عظيم قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ مختلف سرڪاري عمارتن کي شهيدن جي نالي سان منسوب ڪيو ويندو، جڏهن ته روينيو بابت عوامي خدشن کي دور ڪرڻ لاءِ روينيو واري وزير جي سربراهي ۾ هڪ ڪميٽي قائم ڪئي ويندي جنهن ۾ سرڪاري عملدار ۽ مقامي معزز ماڻهو شامل هوندا.

ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته شهيد اسان کي تمام پيارا آهن، سندن خاندانن جو خيال رکڻ بلوچستان حڪومت جي ذميواري آهي. هن چيو ته پوري قوم پاڪ فوج، ايف سي، پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عظيم قربانين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment