آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ناڻي واري وزارت طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهه ۾ 30 جولاءِ لاءِ 2 رپيا 24 پيسا واڌ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ قيمت 39 رپيا 62 پيسا جي نئين بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 75 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 335 رپيا 6 پئسا في ليٽر ٿي وئي.


