آمريڪا جي اڳوڻي نائب صدر ڪملا هيرس چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم آمريڪي صدر ٽرمپ کي ايران سان جنگ تي مجبور ڪيو، جيڪو آمريڪي عوام جي خواهشن جي خلاف آهي. اڳوڻي آمريڪي نائب صدر ڪملا هيرس پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽرمپ کي اهڙي جنگ ۾ ڌڪيو ويو جنهن ۾ آمريڪي عوام جو ڪو به مفاد ناهي. هن چيو ته ان فيصلي جي نتيجي ۾ آمريڪي فوجين جون زندگيون به خطري ۾ آهن. هن وڌيڪ چيو ته ايران خلاف جنگ ۾ وڃڻ جو فيصلو عوامي امنگن جي خلاف هو ۽ ان سان خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي. ڪملا هيرس جو چوڻ هو ته آمريڪا کي اهڙن تڪرارن ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي سڌي ريت قومي مفادن جي ڀڃڪڙي نه هجن. ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ سبب عالمي سطح تي خدشا آهن جڏهن ته مختلف حلقا سفارتي حل تي زور ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ 15 ڏينهن واري جنگ بندي ۾ صرف 3 ڏينهن باقي آهن.
Source link

اسرائيلي وزيراعظم صدر ٽرمپ کي ايران سان جنگ لاءِ زور ڏئي ڇڏيو، ڪملا هيرس
Leave a Comment Leave a Comment

