– اشتهار –
ٺل ۾ عورتن سان اجتماعي زيادتي واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي هدايت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايس پي جيڪب آباد محمد ڪليم ملڪ اي ايس آءِ سميت 6 اهلڪارن کي ڏوهه قرار ڏئي ڇڏيو. ناري آسيا کوسو جي نياڻي نور خاتون جي فرياد تي آر ڊي 44 ٿاڻي تي 6 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس پڻ داخل ڪيو ويو. ايف آءِ آر ۾ اي ايس آءِ محراب سندراڻي، هيڊ ڪانسٽيبل عبدالنبي سامت، چئن ڪانسٽيبل غلام ياسين جکراڻي، خادم حسين جکراڻي، مير حسن بمبل ۽ برڪت جکراڻي کي نامزد ڪيو ويو آهي. ڳڙهي حسن ٿاڻي جي ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جاچ کانپوءِ ثابت ٿيو آهي ته 6 پوليس اهلڪارن عورت آسيه سان زيادتي ڪئي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته صرف 6 پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي جي هدايت تي انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ملوث سمورن پوليس اهلڪارن کي گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. آءِ جي سنڌ ڊيوٽي ۾ غفلت ڪرڻ تي لاڳاپيل ايس ايڇ او کي معطل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سمورن اهلڪارن خلاف سخت محکمانه ڪارروائي ڪئي وڃي. جاويد عالم اوڍي چيو ته متاثر عورتن کي ضروري قانوني مدد سميت مڪمل تحفظ فراهم ڪيو وڃي، پوليس يونيفارم ۾ ڪاري رڍن جي کاتي ۾ ڪا به جاءِ ناهي. هن چيو ته ڪو به قانون کان مٿانهون ناهي، ذميوارن کي سبق ڏيکاريو وڃي، پوليس عوام جي جان ۽ مال جي محافظ آهي، اهڙن عنصرن کي برداشت نه ڪيو ويندو.


