پاڪستان سپر ليگ جي فرنچائز پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم هڪ ٻيو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي ڇڏيو آهي.
گذريل ڏينهن بابر اعظم 52 بالن تي ناقابل شڪست 100 رنسون ٺاهي ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ هڪ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو، هن پوري اننگز دوران هن رڳو هڪ ڊٽ بال کيڏيو.
هي پنهنجي قسم جو پهريون موقعو آهي ته ڪنهن بيٽسمين ٽي 20 اننگز ۾ 50 يا ان کان وڌيڪ بالز کيڏندي صرف هڪ ڊٽ بال کي منهن ڏنو آهي.
بابر اعظم 52 بالن تي 4 ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 100 رنسون ٺاهيون ۽ ناٽ آئوٽ رهيو.
ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ بابر اعظم جي اها ٻارهين سينچري آهي. هو ٽي 20 ڪرڪيٽ ۾ ٻيو نمبر وڏو اسڪورر آهي.


