ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ سون جي قيمت ۾ 10 ڊالر في اونس جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، نئين عالمي قيمت 4,778 ڊالر تائين پهچي وئي.
ڪاروباري هفتي جي ٻئي ڏينهن عالمي مارڪيٽ جي اثر هيٺ مقامي منڊي مارڪيٽن ۾ 24 ڪيريٽ سون جي قيمت ۾ هڪ هزار رپيا في تولو گهٽتائي ٿي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جي قيمت ۾ 857 رپيا گهٽتائي ٿي ۽ نئين قيمت 4 لک 28 هزار 808 رپيا ٿي وئي.
سون جي اگهن ۾ گهٽتائي سان گڏ ملڪ ۾ چاندي جو في تولو اگهه به 59 رپين جي گهٽتائي سان 8 هزار 358 رپين جي سطح تي اچي ويو ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه به 51 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 165 رپين جي سطح تي پهچي ويو.


