ملڪ جي ڪيترن ئي وڏن شهرن ۾ غير منقوله ملڪيتن جي قيمتن ۾ نمايان گهٽتائي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

ايف بي آر فيصل آباد، سيالڪوٽ، ملتان سميت ملڪ جي مختلف وڏن شهرن ۾ غير منقوله ملڪيتن جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي ڪري ڇڏي آهي.

ان حوالي سان فيڊرل بورڊ آف روينيو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن موجب فيصل آباد، سيالڪوٽ، ملتان، بهاولپور ۽ گوجرانوالا ۾ ملڪيتن جي قيمتن ۾ 10 کان 30 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو اطلاق 22 اپريل 2026ع کان ٿيندو.

ايف بي آر انهن شهرن ۾ ملڪيتن جي نئين ويلئشن کي طئي ڪندي پنج الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيا آهن. ايف بي آر پاران جاري ڪيل SROs موجب ملتان لاءِ SRO 650 (I)/2026، فيصل آباد لاءِ SRO 651 (I)/2026، بهاولپور لاءِ SRO 652 (I)/2026، گوجرانوالا لاءِ SRO 653 (I)/2026 ۽ SRO 6620/2026 ملتان لاءِ جاري ڪيا ويا آهن.

ان کان اڳ به اسلام آباد ۾ SRO 644(I)/2026 تحت غير منقوله جائداد جي مارڪيٽ قيمت ٻيهر مقرر ڪئي وئي آهي. نوٽيفڪيشن جاري ٿيڻ کانپوءِ ايف بي آر ملڪيتن جي قيمت گهٽائيندڙ شهرن جو ڪل تعداد 6 ٿي ويو آهي، جنهن کي ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ ۾ وڏي ترقي قرار ڏنو پيو وڃي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment