علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لسٽنگ جون سرگرميون جاري آهن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


علائقائي ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ لسٽنگ جون سرگرميون جاري آهن ۽ سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ٻن نئين ڪمپنين جي لسٽنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ستارا پيٽروليم بڪ بلڊنگ ذريعي 168 ملين شيئر وڪرو ڪندو، جنهن مان 75 سيڪڙو ادارتي سيڙپڪارن ۽ 25 سيڪڙو پرچون سيڙپڪارن کي ڏنا ويندا.

ٻئي طرف ايل ايس اي اسپيڪ ون جي آءِ پي او جي به منظوري ڏني وئي آهي، جيڪو 5 ملين شيئرز تي مشتمل آهي ۽ مقرر قيمت واري ميڪنزم تحت پيش ڪيو ويندو.

اها پاڪستان جي پهرين اسپيڪ ڪمپني آهي جيڪا ايندڙ ٽن سالن ۾ حصول ۽ سيڙپڪاري جي منصوبن تي ڪم ڪندي، جڏهن ته نگبو گرين لائيٽ انرجي ۾ 19 سيڪڙو اسٽيڪ خريد ڪرڻ جو پڻ منصوبو آهي.

هلندڙ مالي سال اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ آءِ پي اوز جو انگ 11 تائين پهچي ويو آهي، سيڙپڪارن کي صلاح ڏني وئي آهي ته سيڙپ ڪرڻ کان اڳ پراسپيڪٽس جو احتياط سان جائزو وٺن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment