ڪراچي ايئرپورٽ تي اسٽيٽ آف دي آرٽ ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم لڳائڻ جي منظوري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ڪراچي ايئرپورٽ تي جديد ترين ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم نصب ڪيو ويندو، جنهن لاءِ سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي پي سي ون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ذريعن موجب ڪراچي جي جناح ٽرمينل ايئرپورٽ تي جديد ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول سسٽم نصب ڪيو ويندو، جڏهن ته موجوده ايئر ٽريفڪ ڪنٽرولر سسٽم کي تبديل ڪرڻ ناگزير ٿي ويو آهي جيڪو ڪمرشل پروازن کي نئين ۽ جديد سسٽم سان رهنمائي فراهم ڪري ٿو. ذريعن جو چوڻ آهي ته منصوبي تحت ڪراچي فلائيٽ انفارميشن ريجن لاءِ جديد ترين فلائيٽ مئنيجمينٽ سسٽم نصب ڪيو ويندو ۽ نئون ايئر ٽريفڪ مئنيجمينٽ سسٽم اڳ جي ڀيٽ ۾ اڏامن جي بهتر رهنمائي ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ذريعن موجب سينٽرل ڊولپمينٽ ورڪنگ پارٽي پي سي ون جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ پاڪستان ايئر پورٽ اٿارٽي ڪجهه ڏينهن ۾ انٽرنيشنل ٽينڊر جاري ڪندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment