ڊالميا قبرستان ويجهو پوليس ۽ ڌاڙيلن ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 2 ڏينهن اڳ ڦر مزاحمت تي شهري کي قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويو، جنهن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. تفصيل موجب شارع فيصل پوليس ڊالميا قبرستان ڀرسان ڦر ۽ اسٽريٽ ڪرائم ۾ ملوث جوابدارن جي موجودگي جي اطلاع تي ڇاپو هنيو. ڇاپي دوران جوابدارن پوليس پارٽي کي ڏسي انڌاڌنڌ فائرنگ شروع ڪري ڏني. پوليس جي جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ جوابدار جمال پٽ عالم شاهه زخمي حالت ۾ گرفتار ٿي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جوابدارن جي انڌاڌنڌ فائرنگ دوران سب انسپيڪٽر عاشق جي بلٽ پروف جيڪٽ کي به گوليون لڳيون پر هو محفوظ رهيو. گرفتار جوابدار جي قبضي مان هٿيارن سميت واقعي ۾ استعمال ٿيل پستول زخمي حالت ۾ هٿ ڪيو ويو، گرفتار جوابدار کي سخت زخمي حالت ۾ فوري طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. ايس ايس پي ايسٽ زبير نذير شيخ موجب، فائرنگ جي تبادلي ۾ زخمي ٿيل جوابدار جمال 21 اپريل اڱاري تي گلستان جوهر بلاڪ 20 جوهر موري وٽ موبائل فون ڦرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي 30 ورهين جي محمد اسلم کي قتل ڪرڻ ۾ ملوث هو. هن چيو ته شهري محمد اسلم جي قتل جو ڪيس مقتول جي ڀيڻ جي فرياد تي شارع فيصل ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس شهري محمد اسلم جي قتل ۾ ملوث مفرور جوابدارن جي گرفتاري لاءِ شهر جي مختلف علائقن ۾ ڇاپا هڻي رهي آهي، اميد آهي ته پوليس جوابدارن کي جلد گرفتار ڪندي.
Source link

ڪراچي؛ ڦر دوران مزاحمت تي شهري کي قتل ڪندڙ جوابدار زخمي حالت ۾ گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

