اميد آهي ته آءِ ايم ايف بورڊ مئي جي پهرين هفتي ۾ ايندڙ قرض جي قسط جي منظوري ڏيندو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



ناڻي واري وفاقي وزارت چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) جو بورڊ مئي جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيڻ جو امڪان آهي، پر ايندڙ هفتي بورڊ جي اجلاس جي شيڊول ۾ پاڪستان کي شامل ناهي ڪيو ويو. ايڪسپريس نيوز موجب آءِ ايم ايف 4 مئي لاءِ پنهنجي ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ پاڪستان بابت اجلاس گهرائڻ جي تاريخ جو اڃا تائين طئي ناهي ڪيو ويو، پر ناڻي واري وزارت کي اميد آهي ته آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ مئي جي پهرين هفتي ۾ پاڪستان لاءِ قرض جي ايندڙ قسط جي منظوري ڏيندو. ناڻي واري وزارت جا عملدار مئي جي پهرين هفتي ۾ آءِ ايم ايف کان ايندڙ قسط لاءِ پراميد آهن ۽ سندن موجب آءِ ايم ايف جا اڪثر هدف پورا ٿي ويا آهن ۽ آءِ ايم ايف مشن ٽين اقتصادي جائزي جي رپورٽ ايگزيڪيوٽو بورڊ کي جمع ڪرائي ڇڏي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته بجيٽ تي مشاورت لاءِ آءِ ايم ايف جو جائزو وٺڻ وارو مشن ايندڙ مهيني پاڪستان ايندو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment