پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي مير اعجاز جکراڻي جو پٽ زيد حسين جکراڻي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
مرحوم گذريل ڪجهه ڏينهن کان علاج هيٺ هو ۽ سندس وفات جي خبر پوڻ تي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ گهري ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانيل آهي. سندس جنازي نماز ۽ تدفين سندس اباڻي ڳوٺ جيڪب آباد ۾ ڪئي ويندي.
اهڙي طرح سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به گهري ڏک جو اظهار ڪندي مرحوم جي درجات جي بلندي ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.
سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پنهنجي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان پٽ جو ڏک والدين لاءِ ناقابل برداشت صدمو آهي ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي ڏک جي هن گهڙي ۾ خاندان سان گڏ آهي.
پيپلز پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيه مري پڻ ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڏک جي هن گهڙي ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جي شريڪ آهي ۽ الله تعاليٰ مرحومه کي جنت الفردوس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.


