پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت سامهون اچي ويا آهن.
فالس فليگ آپريشنز ۽ سرحد پار دهشتگردي مودي حڪومت جو موڊس آپرينڊي بڻجي ويو آهي ته جيئن ان جي سياسي ناڪامين تان ڌيان هٽايو وڃي. ڀارتي تربيت يافته دهشتگرد عبدالمجيد جي گرفتاري ۽ ان مان هٿ آيل مواد پاڪستان ۾ ڀارتي رياستي دهشتگردي جو دروازو کولي ڇڏيو آهي.
فلگام فالس فليگ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ڊي جي آءِ ايس پي آر ڀارتي رياستي دهشتگردي جا ناقابل ترديد ثبوت دنيا آڏو پيش ڪيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن جي نيٽ ورڪ کي اسپانسر ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته 7 ڏينهن گذرڻ باوجود ڀارت پاڪستان خلاف بي بنياد الزامن جو هڪ به ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. ڀارتي فوج جا حاضر سروس آفيسر سڌو سنئون پاڪستان ۾ دهشتگرد سرگرمين جي نگراني ڪندا آهن.
ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردن کي آءِ اي ڊيز ۽ ڌماڪيدار مادو فراهم ڪري سيڪيورٽي فورسز ۽ شهرين کي نشانو بڻائي رهيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته فتنا الخوارج ۽ فتنا الهند جا دهشتگرد ڀارت جي سرپرستي ۾ پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين ۾ ملوث آهن. پاڪستان ڀارت ۾ دهشتگردن جي تربيت، علاج ۽ ٻين سهولتن جا ناقابل ترديد ثبوت دنيا آڏو رکيا آهن.


