راجسٿان رائلز جي ڪپتان ريان پراگ کي آءِ پي ايل 2026 دوران بي ضابطگي جي سزا ڏني وئي آهي.
ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) موجب کيس نيو چندي گڑھ ۾ پنجاب ڪنگز خلاف ميچ دوران ڊريسنگ روم ۾ ويپ استعمال ڪندي ڏٺو ويو، جنهن تي کيس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ ۽ هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ ڏنو ويو.
بي سي سي آءِ جي بيان موجب اهو عمل آءِ پي ايل جي ضابطه اخلاق جي آرٽيڪل 2.21 جي خلاف ورزي آهي، جيڪو ان عمل سان واسطو رکي ٿو جيڪو راند کي بدنام ڪري ٿو.
ريان پراگ پنهنجي غلطي تسليم ڪندي ميچ ريفري پاران ڏنل ڏنڊ قبول ڪيو.
راجسٿان رائلز جي ڪپتان ريان پراگ کي ڊريسنگ روم ۾ ويپ استعمال ڪندي پڪڙيندي کيس ميچ فيس جو 25 سيڪڙو ڏنڊ ۽ هڪ ڊيميرٽ پوائنٽ ڏنو ويو آهي. pic.twitter.com/PDJAr5Q3jv
ESPNcricinfo (@ESPNcricinfo) اپريل 30، 2026
بورڊ اهو به واضح ڪيو ته معاملي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ ليگ جي سالميت کي برقرار رکڻ لاءِ ٽيم، آفيشلز ۽ رانديگرن خلاف سخت ڪارروائي جي آپشن تي غور ڪيو پيو وڃي.
اهو واقعو ان وقت سامهون آيو جڏهن راجسٿان رائلز جي ٽيم مئنيجر رومي ڀنڊار تي به ڪجهه ڏينهن اڳ ڊگ آئوٽ ۾ موبائل فون استعمال ڪرڻ تي ڏنڊ لڳايو ويو هو.
اِهو معاملو ٻنهي واقعن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کانپوءِ سامهون آيو.


