ايف آءِ اي جو وڏو ڪريڪ ڊائون، انساني اسمگلنگ جو منظم نيٽ ورڪ بي نقاب، وڏيون گرفتاريون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) جي ڪائونٽر ٽيررازم ونگ (سي ٽي ڊبليو) وڏي ۽ منظم ڏوهن جي نيٽ ورڪ خلاف ڪريڪ ڊائون ۾ اهم ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جاچ موجب هي نيٽ ورڪ غير ملڪي شهرين کي جعلي پاڪستاني شناختي دستاويز ۽ پاسپورٽ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي غير قانوني طور پرڏيهه خاص ڪري سعودي عرب موڪلڻ ۾ ملوث هو. ايف آءِ اي موجب منظم نيٽ ورڪ ۾ مختلف سطحن تي ڪيترائي سهولتڪار شامل هئا، جيڪي جعلي دستاويزن جي تياري کان وٺي ويزا پروسيسنگ ۽ پرڏيهه روانگي تائين سمورو سلسلو هلائيندا هئا. ايف آءِ آر نمبر 333/2025 تحت ڪيس ۾، نيٽ ورڪ جي سمورن رخن جي جاچ لاءِ هڪ خاص جاچ ٽيم جوڙي وئي آهي. هن وقت تائين 3 مکيه جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته وڌيڪ ڪارروائي دوران انساني اسمگلر مدير خان ولد شهزاد کي به حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪو ايڇ ٽي سي اسلام آباد جي هڪ ڪيس ۾ به اشتهاري هو. ڇاپي دوران 60 جعلي قومي سڃاڻپ ڪارڊ، 12 جعلي پاسپورٽ، مينوئل رجسٽر، جعلي گزيٽيڊ آفيسر جي مهر، جعلي ميڊيڪل سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو اهم سامان هٿ ڪيو ويو. ان کان علاوه افغان شهرين کي جعلي سفري دستاويزن ذريعي پرڏيهه موڪلڻ جو 3.29 ملين رپين جو معاهدو به هٿ ڪيو ويو آهي. جاچ موجب اهي سمورا دستاويز جعلي ۽ ٽمپر ٿيل پاڪستاني پاسپورٽ ذريعي سعودي عرب جي ڪم ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيا پيا وڃن. ڊيٽا جي تجزيي ۾ وڌيڪ سهولتڪارن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي جڏهن ته سوين ماڻهن جا رڪارڊ اڃا جانچيا پيا وڃن. ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ڪيس ۾ مالياتي ٽرانزيڪشن ۽ بين الاقوامي رابطن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته دهشتگردن جي مالي مدد جي امڪاني پاسن جي به جاچ ڪئي پئي وڃي. ايجنسي موجب وڌيڪ گرفتارين جو امڪان آهي ۽ ڪارروائيون جاري آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment