اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٽڪ ٽاڪ ڪندڙ ثنا يوسف قتل ڪيس جي ٽرائل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. ايڪسپريس نيوز موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر تفصيلي فيصلو جاري ڪيو. عدالت ٽرائل ڪورٽ جي جج خلاف تعصب ۽ بدانتظامي جا الزام بي بنياد قرار ڏيندي درخواست رد ڪري ڇڏي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته بار بار ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ انصاف ۾ رنڊڪ بڻجڻ جي برابر آهي، ڪيس جي ٻڌڻي ايڊيشنل سيشن جج اولهه جي عدالت ۾ ٿيندي. لکت واري حڪم ۾ چيو ويو آهي ته سرڪاري خرچ تي وڪيل جي فراهمي جوابدار جو ٽرائل مڪمل ڪرڻ جو آئيني حق آهي، جوابدار پاران ٽرائل ڪورٽ خلاف استعمال ڪيل ٻولي نامناسب آهي. وڌيڪ چيو ويو ته جوابدار پاران جج خلاف استعمال ڪيل سخت ٻولي عدليه جي وقار جي خلاف آهي. ياد رهي ته جوابدار عمر حيات ٽرائل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪئي هئي، جوابدارن ايڊيشنل سيشن جج تي جانبداري جو الزام لڳايو هو.
Source link

ثنا يوسف قتل ڪيس؛ ٽرائل ٻي عدالت منتقل ڪرڻ جي درخواست رد ڪرڻ جو لکت وارو فيصلو جاري
Leave a Comment Leave a Comment

