پاڪستان ٽيسٽ ٽيم ڪراچي کان ڍاڪا پهچي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


بنگلاديش خلاف ٻن ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ پاڪستاني ٽيسٽ ٽيم ڪراچي کان ڍاڪا پهچي وئي.

مليل رپورٽن موجب پاڪستان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ٽيم جو ڍاڪا ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو، بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ جي عملدارن رانديگرن کي گلدستا پيش ڪيا.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي سخت حفاظتي انتظامن هيٺ مقامي هوٽل پهچايو ويو. پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ 8 مئي کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي.

ٻئين ٽيسٽ 16 مئي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي، ميچون آءِ سي سي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2025-27 جو حصو هونديون.

پاڪستان جي 16 رڪني ٽيم ۾ شان مسعود (ڪپتان)، امام الحق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، محمد عباس، حسن علي، خرم شهزاد، ساجد خان، نعمان علي، غازي غوري، اذان اويس، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، عبدالله فضل ۽ مان شامل آهن.

غازي غوري، اذان اويس، عبدالله فضل ۽ عماد بٽ ريزرو رانديگر آهن، اڳوڻي قومي ڪپتان سرفراز احمد هيڊ ڪوچ، عمر گل بالنگ ڪوچ ۽ اسد شفيق بيٽنگ ڪوچ آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment