عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ معمولي گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي پر ان جي باوجود قيمتون 100 ڊالر في بيرل کان مٿي آهن. ماهرن موجب آبنائے هرمز ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ شپنگ ۾ خلل سبب انرجي مارڪيٽ مسلسل دٻاءُ جو شڪار آهي.
رپورٽن مطابق، برينٽ کروڊ فيوچر 1 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽجي 112 ڊالر في بيرل تائين پهچي ويو، جڏهن ته آمريڪي خام تيل جي قيمت پڻ $ 104 في بيرل کان گهٽ ٿي وئي.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيتوڻيڪ قيمتون گهٽجي ويون آهن، گهٽتائي عارضي ٿي سگهي ٿي ڇو ته علائقي ۾ غير يقيني صورتحال اڃا تائين برقرار آهي. خاص طور تي، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ نازڪ جنگبندي ۽ آبنائے هرمز ۾ جاري تڪرار عالمي تيل جي فراهمي کي متاثر ڪري رهيا آهن.
ماهرن موجب آبنائي هرمز دنيا جي اهم تيل جي گذرگاههن مان هڪ آهي، جتي ڪنهن به قسم جي خلل عالمي معيشت تي فوري اثر ڇڏيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو تيل جون قيمتون گهٽ هجڻ باوجود اڃا به بلند سطح تي آهن.
تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته جيستائين خطي ۾ ڇڪتاڻ ختم نه ٿيندي ۽ سپلائي مڪمل طور تي بحال نه ٿيندي، تيستائين تيل جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان ناهي.


