ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون جلد امن معاهدي ۾ تبديل ٿي وينديون: وزيراعظم

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس يقين آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڳالهيون جلد مستقل امن ۾ تبديل ٿينديون.

اسلام آباد ۾ پاڪستان علماءِ ڪائونسل پاران منعقد ڪيل ڇهين پيغام اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو. حرمين شريفين جو دفاع اسان جي جان کان به وڌيڪ عزيز آهي ۽ باهمي دفاعي معاهدا ان عزم جو ثبوت آهن.

شهباز شريف چيو ته مان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، برادر ملڪن چين ۽ ترڪي جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ امن ڳالهين لاءِ ڪردار ادا ڪيو.

وزيراعظم چيو ته فيلڊ مارشل پارٽين کي ڳالهين جي ميز تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، خطي ۾ امن لاءِ فيلڊ مارشل جون ڏينهن رات ڪوششون اڃا به جاري آهن. اسحاق ڊار به انتھائي ڪوششون ڪيون، آمريڪا ۽ ايران جي قيادت اسان جي دعوت تي اسلام آباد پهتي. 1979ع کان پوءِ پهريون ڀيرو آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سڌيون ڳالهيون ٿيون.

وزيراعظم چيو ته امت کي ورهائڻ وارا ۽ دهشتگردي ۾ ملوث عنصر مسلمان سڏائڻ جي لائق نه آهن. پاڪستان ڪشمير ۽ فلسطين تي پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. پاڪستان ڪشميرين ۽ فلسطينين کي سندن حق ملڻ تائين حمايت جاري رکندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment