بنگلاديش خلاف سيريز بابت پاڪستان جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان معين خان جو اهم بيان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان ۽ قومي سليڪشن ڪميٽي جي اڳوڻي سربراهه معين خان چيو آهي ته پاڪستان بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز کي آسان نه وٺندو، هيڊ ڪوچ سرفراز احمد پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم کي بهتري طرف وٺي وڃڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ٽيسٽ ڪپتان شان مسعود کي ذميواري لاءِ وقت ملڻ گهرجي. ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي هيڊ ڪوچ معين خان چيو ته بنگلاديش ۾ جمعي کان شروع ٿيندڙ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم متوازن ۽ بهتر رانديگرن تي مشتمل آهي، جڏهن ته بنگلاديش کي انهن آءِ سي سي ٽيسٽ چيمپيئن شپ ميچن ۾ هوم ڪنڊيشن تي وڌيڪ فائدو ٿيندو. هن چيو ته قومي سليڪشن ڪميٽي کي رانديگرن جي چونڊ جي حوالي سان پنهنجو معيار سامهون آڻڻ گهرجي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد جيڪو پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جو هيڊ ڪوچ آهي، کيس انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جو تمام گهڻو تجربو آهي. سرفراز احمد جي رانديگرن سان هم آهنگي به سٺي آهي. مسعود جي قيادت ۾ تسلسل ضروري آهي، هو ذهين ڪرڪيٽر ۽ بهترين فيصلا ڪندڙ ڪپتان آهي. ٻئي طرف اڳوڻي ٽيسٽ اسپنر ۽ قومي سليڪشن ڪميٽي جي اڳوڻي ميمبر توصيف احمد جو چوڻ آهي ته ڪرڪيٽ سليڪشن پاليسي کي عوام آڏو آڻڻ گهرجي، بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز ڀرپور تياري سان کيڏڻ گهرجي، هر ٽيم کي حریف ٽيم خلاف هوم ورڪ ڪرڻ گهرجي، پاڪستان کي ميزبان ٽيم خلاف کاٻي هٿ جي اسپنر کيڏڻ گهرجي. پر بهتر ٿيندو ته بابر اعظم کي ٻيهر قومي ٽيم جو ڪپتان نه بڻايو وڃي. هن چيو ته ماضي ۾ بابر اعظم جي قيادت واري معاملي تي ڪيتريون ئي ڳالهيون ٿيون، بابر اعظم کي پهريان رانديگر جي حيثيت سان کيڏڻ ڏيو، ٽيم ۾ موجود مسئلن کي سنڀالڻ ڪپتان جي ذميواري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment