لاڳاپيل ادارن پاران قانون خلاف ڀرتيون ڪيون ويون، ملازمن جي غلطي ناهي، وفاقي آئيني عدالت

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي آئيني عدالت فيصلي دوران قرار ڏنو آهي ته غيرقانوني ڀرتيون لاڳاپيل ادارن ڪيون آهن، ان ۾ ملازمن جو قصور ناهي.

وفاقي آئيني عدالت ۾ سروس دوران فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي ڀرتين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڪوٽا تي ڀرتي ڪيل ڪلارڪ سامعہ نذير جي اپيل رد ڪري ڇڏي.

عدالت حڪومت کي ملازمت دوران مليل پگهارون ۽ مراعتون وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي کان اڳ ٿيل ڀرتين کي برقرار رکڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. منهنجي ڪلائنٽ کي ڪوٽا ختم ٿيڻ کان اڳ پنجاب ۾ ڀرتي ڪيو ويو.

ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو درخواستگذار تي لاڳو ناهي.

جسٽس باقر نجفي رمارڪس ڏنا ته پنجاب ۾ ٻارن کي مرڻ کانپوءِ روزگار ڏيڻ جو قانون ختم ٿي چڪو آهي.

چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ سنڌ ڪوٽا ختم ڪئي. ڀرتيون لاڳاپيل ادارن طرفان قانون خلاف ڪيون ويون، ملازمن جو ڪو به قصور ناهي. ملازمن جي تنخواه ۽ فائدن کي واپس نه ٿو ڪري سگھجي جيستائين انهن ڪم ڪيو آهي.

واضح رهي ته زراعت کاتي قانون خلاف ڪوٽا تي ڀرتي ڪيل ڪلارڪ سميع نذير کي برطرف ڪيو هو، جنهن تي لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ وفاقي آئيني عدالت برطرفي خلاف اپيلون رد ڪري ڇڏيون هيون.





Source link

Share This Article
Leave a Comment