فيصل آباد:
راڻا ٿاڻي جي حد 184 گ ب ۾ هٿياربندن مسلم ليگ (ن) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر ڪرنل (ر) سردار ايوب خان گادي جي ڪئمپ تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته ايم پي اي سميت 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.
ذريعن موجب حملي آورن ڪيمپ جو گهيرو ڪيو ۽ اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني. فوتين ۾ ضيغم عباس، نديم، حق نواز ۽ خليق داد شامل آهن.
حادثي ۾ ميمبر صوبائي اسيمبلي ڪرنل (ر) سردار ايوب گادي، شهباز ۽ رياض سخت زخمي ٿي پيا، جن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال ٽوبه ٽيڪ سنگهه منتقل ڪيو ويو.
واقعي جو اطلاع ملندي ئي آر پي او سهيل اختر سکيرا ۽ ڊي پي او ٽوبا پوليس جي وڏي نفري سان واقعي واري هنڌ پهچي ويا، جڏهن ته پنجاب فرانزڪ سائنس ٽيمن شاهديون گڏ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون آهن.
پوليس اختيارين موجب حملو دشمني جو نشانو لڳي رهيو آهي پر واقعي جي سمورن رخن کان جاچ جاري آهي.
جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اسپيشل ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ مختلف علائقن ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
آر پي او سهيل اختر سکيرا ڊي ايڇ ڪيو اسپتال پهچي زخمين جي عيادت ڪئي ۽ چيو ته جوابدارن کي هر صورت ۾ انجام تائين پهچايو ويندو ۽ وارثن سان انصاف ڪيو ويندو.
واقعي کانپوءِ علائقي ۾ سخت ڇڪتاڻ پکڙجي وئي آهي، جڏهن ته ڪيمپ جي چوڌاري سڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.


