اسلام آباد:
وفاقي آئيني عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪرڻ واري وڪيلن جي رويي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس عامر فاروق اڳوڻي سيڪريٽري سپريم ڪورٽ بار سلمان منصور کي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. ٻڌڻي دوران سلمان منصور چيو ته هو اپيل سميت انڪوائري رپورٽ پيش ڪرڻ چاهي ٿو، ان ڪري مهلت ڏني وڃي.
جسٽس عامر فاروق پڇاڻو ڪيو ته انڪوائري رپورٽ اپيل سميت جمع ڇو نه ڪئي وئي، اهو بنيادي ڪم ناهي ڪيو ويو.
جسٽس عامر فاروق چيو ته جيڪڏهن توهان اهو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ ڪيو ها ته توهان تي وڏو ڏنڊ لڳايو وڃي ها. سلمان منصور جواب ڏنو ته مان تقرير نه ڪندو آهيان.
جسٽس عامر فاروق چيو ته جڏهن سياست ايندي آهي ته هر ڪو تقرير ڪندو آهي.
جسٽس عامر فاروق وڌيڪ چيو ته ڪيس ملتوي ٿيڻ جا 90 سيڪڙو سبب وڪيل پاڻ آهن. اسان سڄي رات فائلون پڙهندا آهيون، صبح جو ملتوي ٿيڻ جي درخواست ڪئي ويندي آهي. اپيل سان لاڳاپيل سمورا دستاويز گڏ ڪرڻ بنيادي ڪم هو، جيڪو نه ڪيو ويو.
عدالت ان معاملي ۾ وڪيلن جي غير ذميواراڻي رويي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته سلمان منصور غير قانوني ڀرتين جي الزام ۾ برطرفي ڪيس ۾ پيش ٿيو هو.


