پاڪستان جي آئي ٽي ايڪسپورٽ ۾ نمايان اضافو ٿيو، فري لانسرز به نوان رڪارڊ قائم ڪري ڇڏيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان جي آئي ٽي برآمدات ۽ ترسيل ۾ نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آءِ ٽي واري وزارت ٻڌايو ته آءِ سي ٽي سروسز جي ترسيل ۾ 19.7 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آءِ ٽي واري وفاقي وزير شازا فاطمه خواجا چيو ته مالي سال 2025-26 دوران پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ 3.38 بلين ڊالر تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته گذريل مالي سال 2024-25 ۾ آءِ ٽي جي برآمدات 2.8 بلين ڊالر هئي. آءِ ٽي واري وزارت موجب پاڪستاني فري لانسرز جي برآمدات ۾ به نمايان بهتري آئي آهي، جيڪا 567 ملين ڊالر کان وڌي 856 ملين ڊالر ٿي وئي آهي. انگن اکرن موجب فري لانسرز جي آئي ٽي ايڪسپورٽ ۾ 51 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کي پاڪستان جي ڊجيٽل شعبي جي لاءِ اهم ترقي قرار ڏنو پيو وڃي. واضح رهي ته قومي اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر سيد غلام مصطفيٰ شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر ڪامران ٽيسوري جي والده جي ايصال ثواب لاءِ دعا گهري وئي. پ پ ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو ته صوماليا ۾ 10 پاڪستاني اڃا تائين قزاقن جي قبضي ۾ آهن پر پاڪستان حڪومت 10 پاڪستانين کي ڇڏي ڏنو آهي، قزاق پاڪستان حڪومت سان ڳالهيون ڪرڻ چاهين ٿا. وزيراعظم نذير تارڙ جواب ڏنو ته صوماليا ۾ ڦاٿل پاڪستانين کي بي يارو مددگار نه ڇڏينداسين.



Source link

Share This Article
Leave a Comment