آءِ ايم ايف جون 11 سخت شرطون، جن ۾ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو شامل آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

عالمي مالياتي فنڊ پاڪستان تي 11 نيون سخت شرطون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن، جن ۾ توانائيءَ جي قيمتن ۾ مسلسل اضافو ۽ ٽيڪس هدفن ۾ زبردست اضافو شامل آهي.

خانگي ٽي وي جي رپورٽ موجب آءِ ايم ايف ايندڙ مالي سال دوران پيٽروليم ليوي جي مد ۾ عوام کان 1727 ارب رپين جي وڏي رقم گڏ ڪرڻ جو اندازو لڳايو آهي.

ان کان علاوه انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ ايف بي آر لاءِ ٽيڪس جو هدف 15 هزار 267 ارب رپيا مقرر ڪيو آهي، جنهن کي حاصل ڪرڻ لاءِ هن 430 ارب رپيا اضافي ٽيڪس جي تجويز ڏني آهي.

انهن نون ٽيڪس قدمن مان 215 ارب رپيا نوان ٽيڪس لاڳو ڪيا ويندا جڏهن ته 115 ارب رپيا ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ذريعي گڏ ڪيا ويندا.

رپورٽ موجب عالمي مالياتي اداري نيب جي آزادي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ سان گڏ توانائي جي شعبي ۾ بجلي ۽ گيس جي قيمتن ۾ باقاعدي واڌ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو به شرط رکيو آهي.

آءِ ايم ايف جي ٻين اهم شرطن ۾ وفاقي بجيٽ جي پارلياماني منظوري، اينٽي ڪرپشن ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ فريم ورڪ کي مضبوط ڪرڻ شامل آهن.

اهڙي طرح ٽيڪس روينيو انتظاميه کي بهتر بڻائڻ، اسپانسر شپ پروگرام کي جاري رکڻ، ڪرنسي مٽاسٽا جي خودمختياري لاءِ روڊ ميپ تيار ڪرڻ ۽ ريگيوليٽري شفافيت کي وڌائڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن.

مٿي بيان ڪيل شرطن تحت پائپرا رولز ۾ ترميمون، 2035ع تائين اسپيشل اڪنامڪ زونز جي سمورن رعايتن کي ختم ڪرڻ ۽ وفاقي سطح تي ڪاروباري ضابطن لاءِ پاڪستان ريگيوليٽري رجسٽري جو قيام پڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي.

معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف جي طرفان اهي قدم معاشي استحڪام جي بحالي ۽ جاري پروگرام تحت گهربل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ ضروري سمجهيا پيا وڃن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment