شاهه لطيف ٽائون پوليس منشيات جي فراهمي ۽ وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪندي 2 عورتن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن قبضي مان 25 ڪلو گرام کان وڌيڪ قيمتي چرس هٿ ڪري ورتي. تفصيل موجب شاهه لطيف پوليس مرغي خاني پل ملير ندي وٽ ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي منشيات جي فراهمي ۽ وڪرو ۾ ملوث 2 عورتن سميت 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ شاڪر نويد، عبدالمنان، نويد خليق، جڏهن ته عورت جوابدارن جي سڃاڻپ شاڪر نويد جي زال فضيلا ۽ نويد خالق جي ناهيد زال جي نالن سان ٿي آهي. ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزاده موجب گرفتار جوابدار ويجها مائٽ آهن، جڏهن ته گرفتار ٿيل 2 ڄڻن ۾ مڙس ۽ زال شامل آهن. ڪارروائي دوران جوابدارن جي قبضي مان 25 ڪلو کان وڌيڪ 25200 گرام چرس ۽ موبائل فون هٿ ڪيا ويا. گرفتار جوابدار وٽان هٿ ڪيل منشيات جي ماليت 50 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي. هن چيو ته شروعاتي جاچ موجب هٿ آيل اعليٰ معيار جي چرس ڪراچي جي پوش علائقن ۾ سپلائي ۽ وڪرو ڪئي ويندي هئي. جاچ دوران گرفتار جوابدار وڌيڪ ٻڌايو ته عورتن کي منشيات وڪرو ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو. شاهه لطيف پوليس جي بروقت ڪارروائي شهر ۾ منشيات جي هڪ وڏي نيٽ ورڪ جي سرگرمين کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس گرفتار جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. منشيات سان لاڳاپيل نيٽ ورڪ جا ٻيا سهولتڪار پڻ جاچ هيٺ آهن.
Source link

ڪراچي؛ منشيات جي فراهمي ۽ وڪرو ڪندڙ نيٽ ورڪ بي نقاب، عورتن سميت 5 جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

