منگهو پير سلطان آباد جي رهواسي عورت گهر جي زير زمين پاڻي جي ٽانڪي ۾ ٻڏي فوت ٿي وئي. تفصيل موجب منگھوپير جي علائقي سلطان آباد التقوي مسجد ڀرسان گهر جي زير زمين پاڻي جي ٽانڪي ۾ عورت پراسرار طور ٻڏي فوت ٿي وئي. فوتي عورت جو لاش عباسي شهيد اسپتال پهچايو ويو. ڪراچي پوليس جي ترجمان موجب مارجي ويل عورت جي سڃاڻپ 40 ورهين جي رومانه زال حق نواز جي نالي سان ٿي آهي. پوليس واقعي جي جاچ لاءِ مقتول عورت جي گهر پهتي، پر وارث ڪجهه به چوڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن.
Source link

ڪراچي؛ عورت گهر جي زير زمين پاڻي جي ٽانڪي ۾ پراسرار طور ٻڏي فوت ٿي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

