وزيراعظم 4 ڏينهن جي دوري تي چين پهچي ويو، اهم معاهدن تي صحيحون ڪيون ۽ اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪيون

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


وزيراعظم محمد شهباز شريف چين جي 4 ڏينهن جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هنگزو پهچي ويو.

هانگ زو جي شياوشين ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال وائيس گورنر زي جيانگ شو وينگانگ، پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زيڊونگ ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير خليل هاشمي ڪيو.

وزيراعظم سان گڏ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، آءِ ٽي واري وزير شازا فاطمه خواجه ۽ خصوصي معاون طارق فاطمي به گڏ آهن.

تفصيل موجب وزيراعظم هانگ زو ۾ جيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري وانگ هائو سان ملاقات ڪندو. ان کان علاوه وزيراعظم سي پيڪ فيز 2 تحت پاڪستاني ۽ چيني ڪمپنين جي وچ ۾ تعاون کي هٿي وٺرائڻ لاءِ منعقد ٿيندڙ بزنس فورم ۾ شرڪت ڪندو.

ان موقعي تي مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن جي مٽاسٽا جي تقريب پڻ منعقد ڪئي ويندي.

ان کان علاوه وزيراعظم چين جي معروف ڪمپنين جي سي اي اوز سان اهم ملاقاتون ڪندو.

وزيراعظم چيني ڪمپني علي بابا جي هيڊ ڪوارٽر جو دورو پڻ ڪندو. ان دوران هو مفاهمتي ياداشتن تي صحيحن جي تقريب ۾ به شرڪت ڪندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment