ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام تصديق ڪئي آهي ته ايران جي قومي فٽبال ٽيم ايندڙ فيفا ورلڊ ڪپ دوران ميڪسيڪو ۾ رهندي.
عالمي خابرو اداري موجب ڪلاڊيا شينبام ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي چيو ته آمريڪا ايراني ٽيم کي پنهنجي ملڪ ۾ رات گذارڻ جي اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، جنهن بعد فيفا ميڪسيڪو سان رابطو ڪيو.
صدر شينبام چيو ته اسان وٽ ايران جي ميزباني کان انڪار ڪرڻ جو ڪو سبب ناهي. آمريڪا ايراني ٽيم کي پنهنجي ملڪ ۾ رهڻ جي اجازت نٿو ڏيڻ چاهي، جڏهن ته سندن ٽيون ميچون آمريڪا ۾ کيڏيون وينديون.
بعد ۾، فيفا اعلان ڪيو ته ايراني ٽيم جو تربيتي مرڪز ميڪسيڪو جي Tijuana ۾ قائم ڪيو ويندو.
ٽڪسن، ايريزونا کي پهريان ايران لاءِ بيس ڪيمپ طور چونڊيو ويو هو، پر وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب صورتحال تبديل ٿي وئي.
ميڪسيڪو فيفا ورلڊ ڪپ دوران ايران جي قومي فٽبال ٽيم جي ميزباني ڪندو، اسڪواڊ اتي ئي رهڻ لاءِ مقرر ڪئي وئي ۽ واشنگٽن جي ميزباني ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ کانپوءِ ان جي ميچن لاءِ آمريڪا جو سفر ڪيو، ميڪسيڪو جي صدر ڪلاڊيا شينبام چيو. https://t.co/zX2ibk8LdQ pic.twitter.com/LDqR6szdMv
– رائٽرز (@ رائٽرز) مئي 26، 2026
ايران پنهنجي گروپ اسٽيج جون ميچون نيوزيلينڊ، بيلجيم ۽ مصر خلاف آمريڪا جي مختلف شهرن ۾ کيڏندو.
ٻئي طرف ايران جي راندين واري وزير احمد دنيا مالي چيو آهي ته فيفا جي صدر يقين ڏياريو آهي ته ايراني رانديگرن کي آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ويزا جاري ڪيا ويندا.
جڏهن ته، آمريڪا ايراني انقلابي گارڊز سان لاڳاپيل ماڻهن تي ممڪن پابنديون جو اشارو ڏنو آهي.


