القسام برگيڊ جي سربراهه محمد عوده جي جنازي نماز ۾ سڄو شهر گڏ ٿيو.

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


حماس پنهنجي نئين فوجي ڪمانڊر محمد عوده جي شهادت جي تصديق ڪري ڇڏي، غزه جو سڄو شهر جنازي نماز لاءِ ٻاهر نڪري آيو.

عالمي خابرو اداري موجب حماس تصديق ڪئي آهي ته القسام برگيڊ جي تازي مقرر ڪيل فوجي ونگ جو سربراهه محمد عودا اسرائيلي هوائي حملي ۾ شهيد ٿي ويو آهي.

بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته غزه شهر ۾ هڪ رهائشي عمارت تي اسرائيلي حملو ڪيو ويو جنهن ۾ محمد عوده، سندس زال ۽ ٻه پٽ پڻ شهيد ٿي ويا.

ان کان اڳ اسرائيلي اهلڪارن دعويٰ ڪئي هئي ته محمد عدا کي ٽارگيٽيڊ حملي ۾ نشانو بڻايو ويو. هو حماس اندر اهم فوجي پلاننگ ۽ آپريشنز ۾ ملوث هو ۽ 7 آڪٽوبر 2023 جي حملن جو ماسٽر مائينڊ هو.

محمد عوده کي ڪجهه ڏينهن اڳ اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيڻ کانپوءِ سندس اڳوڻن ڪمانڊر عزالدين الحاد جي فوجي ونگ جي قيادت تازو ئي سونپي وئي هئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment