اسلام آباد:
وزيراعظم شهباز شريف ڪويت تي حملن جي سخت مذمت ڪندي ڪويت جي قيادت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي بحالي لاءِ مخلصانه سفارتي ڪوششون جاري رکي ٿو.
وزيراعظم ڪويت جي ولي عهد شيخ صباح الخالد الحمد المبارڪ الصباح سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران حملن ۾ جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته پاڪستان هر ڏکئي وقت ۾ ڀاءُ ملڪ ڪويت سان گڏ آهي.
ان موقعي تي شهباز شريف خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ مسئلن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته پاڪستان امن لاءِ مسلسل سفارتي رابطا ڪري رهيو آهي.
هن پاڪستان جي امن ڪوششن جي حمايت ڪرڻ تي ڪويت سميت ٻين برادر ملڪن ۽ انهن جي قيادت جو به شڪريو ادا ڪيو.
ڪويت جي ولي عهد علائقائي امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو ۽ چيو ته ڪويت پاڪستان جي سفارتي ڪوششن ۽ امن جي قدمن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو.
هن چيو ته خطي ۾ استحڪام لاءِ پاڪستان جو ڪردار انتهائي اهم آهي.
وزيراعظم امن ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي سفارتي ڪوششن کي به ساراهيو ۽ چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن لاءِ هر ممڪن ڪردار ادا ڪندو رهندو.
ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ڪويت جي امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح جي لاءِ نيڪ خواهشن ۽ احترام جو اظهار ڪيو جڏهن ته ڪويت جي ولي عهد چيو ته ڪويت جو امير به پاڪستان جي وزيراعظم لاءِ سٺا جذبات رکي ٿو ۽ امن ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪاميابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري ٿو.
ڪويت جي ولي عهد وزيراعظم شهباز شريف کي ڪويت جي دوري جي دعوت پڻ ڏني، جڏهن ته وزيراعظم ڪويت جي امير ۽ ولي عهد کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.


