سوات:
عيد جي ڏينهن گهريلو تڪرار تان مڙس فائرنگ ڪري زال کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي ۾ ڀيڻس زخمي ٿي پئي.
پوليس موجب سوات جي علائقي مٽي شوخدرا ۾ عيد جي ڏينهن هڪ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي گهريلو تڪرار تان مڙس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ سندس زال مارجي وئي ۽ سندس ڀيڻويو زخمي ٿي پيو.
شروعاتي اطلاعن موجب جوابدار قتل ڪرڻ بعد پاڻ کي گوليون هڻي پنهنجي زندگي ختم ڪري ڇڏي. واقعي کانپوءِ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.


