اسلام آباد:
سپريم جڊيشل ڪائونسل چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف پاڪستان تحريڪ انصاف جي شڪايت رد ڪري ڇڏي.
ايڪسپريس نيوز موجب چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف شڪايت اڳوڻي سيڪريٽري جنرل پي ٽي آءِ عمر ايوب موڪلي هئي، جنهن تي سپريم جڊيشل ڪائونسل عمر ايوب کي خط ذريعي چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف شڪايت رد ڪرڻ بابت آگاهي ڏني.
عمر ايوب کي لکيل خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سپريم جڊيشل ڪائونسل 11 فيبروري 2026ع تي پنهنجي اجلاس ۾ شڪايت جو جائزو ورتو، غور ويچار کانپوءِ چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف توهان جي شڪايت رد ڪئي وڃي ٿي.


