تهران:
ايراني سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو آهي ته ايراني قوم خطي جي آزادي ۽ پرڏيهي مداخلت خلاف سڀ کان وڌيڪ قربانيون ڏنيون آهن.
ايراني ميڊيا موجب سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي نئون پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ سپريم ليڊر چيو آهي ته آبنائے هرمز ۾ هڪ نئين باب جو آغاز ٿي رهيو آهي، آمريڪا جي ناڪامي کانپوءِ خليج فارس ۽ آبنائے هرمز ۾ نئين صورتحال پيدا ٿي رهي آهي، ٻن مهينن جي ڇڪتاڻ ۽ آمريڪي منصوبي جي ناڪامي کانپوءِ خطي ۾ هڪ نئين مرحلي جي شروعات ٿي رهي آهي.
مجتبيٰ خامنه اي چيو ته هرمز جو اسٽريٽجڪ اثاثو صدين کان ڪيترين ئي شيطاني طاقتن جي لالچ ۾ اچي ويو آهي. خليج فارس نه رڳو قومن جي وچ ۾ رابطي جو هڪ ذريعو آهي، پر هرمز جي سمنڊ ۽ عمان جي سمنڊ ذريعي عالمي معيشت لاء هڪ اهم ۽ منفرد رستو پڻ فراهم ڪري ٿو. هرمز صرف هڪ آبي رستو نه آهي پر هڪ نعمت آهي جيڪا اسان جي سڃاڻپ ۽ تهذيب جو حصو بڻيل آهي.
سپريم ليڊر مجتبيٰ خامنه اي چيو ته خليج فارس مسلمان قومن خاص ڪري اسلامي ايران جي عوام لاءِ الله تعاليٰ جي بي مثال نعمت آهي. اسلامي انقلاب خطي مان ”مغرور طاقتن“ جي اثر رسوخ کي ختم ڪرڻ جو موڙ هو. ايران وٽ فارس نار سان گڏ سڀ کان ڊگهو ساحل آهي.


