آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ آبنائے هرمز ۾ ڇڪتاڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ڏٺو ويو آهي، جڏهن ته سيڙپڪار ۽ توانائي مارڪيٽن ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي.
عالمي ميڊيا رپورٽن موجب آمريڪي ۽ ايراني فوجن وچ ۾ تازي ڇڪتاڻ جنگ بندي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، جنهن سبب تيل جي عالمي مارڪيٽ ۾ تيز ڦيرو اچي ويو آهي.
برينٽ کروڊ، دنيا جي بينچ مارڪ خام تيل سمجهي ٿو، خميس جي واپار دوران 7.5 سيڪڙو جيترو وڌي ويو. بعد ۾ جڏهن ايشيائي مارڪيٽون کوليون ته قيمتن ۾ ڪجهه گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي، پر برنٽ کروڊ جي قيمت اڃا تائين 101.12 ڊالر في بيرل تي رهي.
رپورٽن مطابق ڏينهن دوران برينٽ کروڊ جي قيمت 103.70 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي. ماهرن جو چوڻ آهي ته آبنائے هرمز ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ ايران جنگ سبب عالمي تيل جي سپلاءِ متاثر ٿي رهي آهي، جنهن سبب قيمتن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف آمريڪي خام تيل جي قيمت ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آمريڪي خام تيل تقريبن 3 سيڪڙو وڌي 97.26 ڊالر في بيرل ٿي ويو.
توانائي جي ماهرن موجب موجوده بحران سبب عالمي سطح تي 14.5 ملين بيرل تيل جي روزاني سپلاءِ متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب مارڪيٽ ۾ سخت غير يقيني صورتحال پيدا ٿي وئي آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌيڪ وڌي وئي ته عالمي معيشت، توانائي جي فراهمي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن تي وڏو اثر پئجي سگهي ٿو.


