راولپنڊي جي علائقي پيرمهر علي شاهه ٽائون ۾ 1200 رپين جي تڪرار تان 2 ڄڻا مارجي ويا.
پوليس موجب راولپنڊي جي علائقي ڌميال جي علائقي پير مهر علي شاهه ٽائون ۾ جهيڙي دوران 25 ورهين جو سراج سخت زخمي ٿي پيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شهري زين ۽ ٻين جو دڪاندار سان 1200 روپين جي معاملي تي جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران دڪاندار کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن بعد ٻئي ڌر زين کي لٺن جا وار ڪري قتل ڪري ڇڏيو.
سي پي او سيد خالد محمود همداني ڌميال ٿاڻي جي حد ۾ ٻن شهرين جي قتل واري واقعي جو نوٽيس وٺندي واقعي جي رپورٽ طلب ڪندي جوابدارن کي فوري گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب واقعو ٻن ڌرين ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙي سبب پيش آيو، واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته ٻنهي ڌرين مان هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو آهي، جڏهن ته واقعي واري هنڌ فرانزڪ ٽيمون موجود آهن ۽ شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا پيا وڃن، ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو ويندو.
آءِ جي پنجاب عبدالڪريم ڌميال ٿاڻي جي حد پير مهر علي شاهه ٽائون ۾ واپار جي تڪرار تان ٻن ڄڻن جي مارجڻ واري واقعي جو به نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
آءِ جي پنجاب سي پي او راولپنڊي کي فائرنگ ۾ ملوث جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.


