ايراني ساحلي علائقن تي آمريڪي حملن کانپوءِ ٽرمپ جو وڏو بيان، ايران کي خبردار ڪري ڇڏيو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران پنهنجا حملا بند نه ڪيا ته آمريڪي بمباري اڳ کان وڌيڪ سخت ٿي ويندي. ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تازو آمريڪي حملو ايران طرفان هڪ ڏينهن اڳ جهازن تي مبينا حملن جي جواب ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته اها ڪارروائي ايران طرفان ڪالهه جهازن تي بمباري جي جواب ۾ ڪئي وئي آهي. جيڪڏهن اهو ٻيهر ٿئي ٿو، جواب اڳ کان وڌيڪ سخت ٿيندو. آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي تصويرون ۽ وڊيوز پڻ شيئر ڪيون جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي حملي کانپوءِ ايران جي صورتحال ڏيکاري ٿي. ٽرمپ جي بيان کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو آهي، جڏهن ته ايران به خطي ۾ آمريڪي اڏن کي نشانو بڻائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ايراني ميڊيا موجب ايراني فورسز جلد خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏا حملا ڪنديون. واضح رهي ته آمريڪا اڄ ايران جي ساحلي علائقن تي حملو ڪيو آهي. ايراني ميڊيا تصديق ڪئي ته بندر عباس، سرڪ، چابهار ۽ ڪنارڪ ۾ ڪيترائي ڌماڪا ٻڌا ويا. ايراني ميڊيا موجب ايراني فورسز جلد خطي ۾ آمريڪي فوجي اڏن تي وڏو حملو ڪندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment