مڪي:
سعودي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود جي صدارت هيٺ سپريم حج ڪميٽي جو اهم اجلاس عرفات اسڪوائر ۾ ٿيو، جنهن ۾ حج جي مناسڪ جي مرڪزي رڪن وقوف عرفه جي انتظامن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.
اجلاس ۾ سيڪيورٽي ۽ انتظامي معاملن سان لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان دوران زائرين کي منيٰ کان عرفات جي منتقلي، ٽرانسپورٽ سسٽم، فوٽ پاٿ ۽ مجموعي سهولتن بابت بريفنگ ڏني وئي.
حج سيڪيورٽي جي انچارج محمد بن عبدالله البسطامي اجلاس کي ٻڌايو ته حاجين جي آمد و رفت کي منظم ڪرڻ لاءِ سمورن منصوبن تي عمل ڪيو پيو وڃي جڏهن ته سيڪيورٽي ادارا هر مرحلي تي حاجين جي رهنمائي ڪري رهيا آهن.
اجلاس کي خطاب ڪندي گهرو وزير شهزاده عبدالعزيز بن سعود چيو ته حاجي الله جا مهمان آهن، سندن خدمت سعودي حڪومت جي اولين ذميواري آهي.
هن چيو ته خادم حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز جي قيادت ۾ سمورا ادارا مڪمل سهڪار سان حج انتظامن کي ڪامياب بڻائڻ ۾ مصروف آهن.
ٻئي طرف سعودي حج ۽ عمره واري وزارت زائرين کي اپيل ڪئي آهي ته اهي وقوف عرفه دوران پنهنجي خيمن ۾ رهن ته جيئن سخت گرمي ۽ سج کان بچي سگهن.
وزارت موجب عرفات ۾ اڄ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي، ان ڪري حاجين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو شام 4 وڳي تائين خيمن ۾ رهن ۽ آڊيو ۽ وڊيو ذريعي حج جو خطبو ٻڌن.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته عازمين به جبل رحمت ۾ وڃڻ کان پاسو ڪن ۽ سعودي اختيارين طرفان جاري ڪيل سمورين هدايتن تي سختي سان عمل ڪن ته جيئن حج جا مناسڪ محفوظ طريقي سان مڪمل ٿي سگهن.


