سنڌ حڪومت عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب سنڌ حڪومت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب صوبي ۾ عيد جون 4 سرڪاري موڪلون هونديون.
نوٽيفڪيشن موجب عيدالاضحيٰ جي موقعي تي 26 مئي کان 29 مئي تائين موڪلون هونديون.
ياد رهي ته ٻه ڏينهن اڳ وفاقي حڪومت به عيد الاضحيٰ جي موڪلن جو اعلان ڪيو هو.


