سون ٻيهر سستو ٿي ويو، في تولو اگهه ۾ ڇا ٿيو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس قيمت 14 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 453 ڊالر ٿي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ گهٽتائي سبب مقامي بلين مارڪيٽ ۾ به سون جو في تولو اگهه 1469 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 67 هزار 816 رپين جي سطح تي پهچي ويو آهي. اهڙي ريت سون جو اگهه 1323 رپيا في 10 گرام گهٽتائي سان 4 لک 1 هزار 122 رپيا ٿي ويو، سون سان گڏ چاندي جو في تولو اگهه به 67 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 730 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 61 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 623 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment