هلندڙ مالي سال 26-2025ع دوران زرعي شعبي جي ترقي جي شرح 2.9 سيڪڙو رهي ۽ پوک لائق ايراضي ۾ 3.6 سيڪڙو گهٽتائي جي باوجود پيداوار سٺي رهي ۽ وڏن فصلن جي مجموعي پيداوار ۾ 0.6 سيڪڙو اضافو ٿيو. نيشنل اڪنامڪ سروي 26-2025 جي مکيه نقطن موجب ڪڻڪ جي پوکائي واري ايراضي 4.4 سيڪڙو ۽ پيداوار 4.3 سيڪڙو وڌي 29.6 ملين ٽن ٿي وئي. مالي سال 2025-26 دوران چانورن جي پيداوار ۾ 2.8 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڪمند جي پيداوار ۾ 6.2 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ مجموعي پيداوار 8.94 ملين ٽن رڪارڊ ڪئي وئي. رپورٽ موجب ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 2.7 سيڪڙو گهٽتائي آئي پر پوکيل علائقو گذريل سال جيترو ئي رهيو، ڪپهه جي پيداوار ۾ به 0.5 سيڪڙو ۽ پوکيل ايراضي ۾ 1.5 سيڪڙو گهٽتائي آئي. ٻين فصلن ۾ 2.4 سيڪڙو واڌ ۽ پيداوار ۾ رڪارڊ 50.4 سيڪڙو واڌ ٿي، آلو جي پيداوار ۾ 27.6 سيڪڙو، آم جي 11.6 سيڪڙو ۽ ڪيلي جي پيداوار ۾ 30.8 سيڪڙو اضافو ٿيو. اهڙي طرح ترمر جي پيداوار 25.1 سيڪڙو، مرچ جي پيداوار 9.2 سيڪڙو، ڪپهه جي جنننگ ۽ متفرق زرعي شعبن ۾ صرف 0.1 سيڪڙو ۽ لائيواسٽاڪ شعبي ۾ 3.8 سيڪڙو واڌ ٿي.
Source link

هلندڙ مالي سال دوران زرعي شعبي جي ترقي جي شرح 2.9 سيڪڙو رهي، ايراضي ۾ گهٽتائي باوجود پيداوار سٺي رهي.
Leave a Comment Leave a Comment

