ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب ٽيڪس ادا ڪندڙن جي ڊيٽا جي حفاظت لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۽ انفارميشن سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته منصوبي جي اڳڀرائي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ته جيئن سمورا هدف وقت تي مڪمل ٿي سگهن. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) جي نيشنل فيس لیس سينٽر منصوبي تي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ وارو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ منصوبي تي عملدرآمد، ٽيڪنالاجي جي ترقي ۽ مرحليوار رول آئوٽ بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ نيشنل فيس لیس سينٽر کي ٽيڪس نظام کي ڊجيٽل، شفاف ۽ مرڪزيت وارو بڻائڻ لاءِ هڪ اهم منصوبو قرار ڏنو ويو، جڏهن ته پروجيڪٽ مئنيجمينٽ يونٽ جي قيام تي ٿيل اڳڀرائي کي اطمينان بخش قرار ڏنو ويو. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب هدايت ڪئي ته آپريشنل ۽ ٽيڪنالاجي ٽيمن جي موثر تعاون سان منصوبي جي بروقت ۽ ڪاميابي سان مڪمل ٿيڻ کي يقيني بڻايو وڃي. اجلاس ۾ قاعدن جي بنياد تي ڪيس جي چونڊ، رسڪ انجڻ جي تياري، ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۽ سسٽم انٽيگريشن تي پيش رفت جو پڻ جائزو ورتو ويو. محمد اورنگزيب چيو ته ملڪي سطح تي عملدرآمد کان اڳ موثر پائلٽ مرحلو ضروري آهي ته جيئن ممڪن خامين جي نشاندهي ڪري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. وفاقي ناڻي واري وزير ٽيڪس ادا ڪندڙن جي ڊيٽا جي تحفظ لاءِ سائبر سيڪيورٽي ۽ انفارميشن سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ جي هدايت ڪندي چيو ته منصوبي جي اڳڀرائي جو باقاعده جائزو ورتو وڃي ته جيئن سمورا هدف وقت تي مڪمل ٿي سگهن. هن چيو ته حڪومت جديد، شفاف ۽ مڪمل ڊجيٽل ٽيڪس انتظاميه جي قيام لاءِ پرعزم آهي.
Source link

ٽيڪس ادا ڪندڙن جي ڊيٽا جي حفاظت لاءِ سائبر، انفارميشن سيڪيورٽي تي خاص ڌيان ڏيڻ جون هدايتون
Leave a Comment Leave a Comment

